سول اسپتال حيدرآباد

سول اسپتال حيدرآباد

سول اسپتال حيدرآباد

سول اسپتال حيدرآباد: حيدرآباد، سنڌ جو ثقافتي شهر آهي، پر هتي ڪنهن وڏي اسپتال جو وجود سئو سوا سول سال مس پراڻو آهي. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ هتي سول اسپتال سان لاڳو سنڌ ميڊيڪل اسڪول 1881ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان کان اڳ رڳو سول اسپتال هئي، جيڪا 1894ع تائين سر ڪائوسجي سائيڪاٽرسٽ (نفسياتي) اسپتال کان سواءِ شهر جي واحد اسپتال هئي، جيڪا پوليس اسپتال جي اشتراڪ سان هلندي هئي. سول اسپتال جي نئين عمارت 1894ع ۾ ٺهي، جڏهن ته ان کان اڳ هتي رڳو ٻه وڏا هال هئا، جيڪي اڄ به ٻاهرئين طرف اسپتال جي اُڀرندي ڪنڊ تي نظر اچن ٿا، انهن مان هڪ ۾ ليبارٽري هئي ۽ ٻيو لائبرريءَ طور استعمال ٿيندو هو. نئين عمارت جو تخمينو 88173 روپيا لڳايو ويو. هتي پهرين 72 بسترن جي اسپتال قائم ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ 104 بسترن تي مشتمل ٿي. گڏوگڏ سول سرجن سان گڏ چار اسسٽنٽ سرجن مقرر ٿيا، جيڪي هن اسپتال ۾ پڙهائيندا هئا. اڳتي هلي هيءَ اسپتال 24 ئي ڪلاڪ کليل رهي. ورهاڱي کانپوءِ هن اسپتال وڏي ترقي ڪئي ۽ 1964ع ۾ هتي ائٽمڪ انرجي ميڊيڪل سينٽر قائم ٿيو، جڏهن ته 1963ع ۾ هتي ڊينٽل اسڪول ۽ اسپتال قائم ٿي چڪي هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان چائلڊ هيلٿ آفٿالاجي، اِي. اين. ٽي ۽ پيٿالوجيءَ جي اعليٰ تعليم شروع ٿي. هن اسپتال کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسپتال چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ 1500 بسترن جي گنجائش آهي، جڏهن ته ٻن هزارن کان مٿي ماڻهن کي طبي سهوليتون ڏئي سگهجن ٿيون. اسپتال سان هڪ ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي)، هڪ نرسنگ اسڪول، پيرا ميڊيڪل اسڪول، ڊينٽل اسڪول، اٽامڪ انرجي ميڊيڪل سينٽر کانسواءِ اکين جي اسپتال ڪم ڪري رهي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ گڙدن جي صفائيءَ جو جديد شعبو به قائم ڪيو ويو آهي. هي ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سڄي سنڌ جي اکين جي به واحد سرڪاري اسپتال آهي، جيڪا معيار جي لحاظ کان بين الاقوامي طور مڃيل آهي. اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ سرجن ماهر آهن. سرجن محمد حسن لغاريءَ سول اسپتال ۾ جيري جي پيوندڪاري ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هتي نيورو سرجريءَ جو به انتظام آهي، گائناڪالوجي، يورولاجي، پيٿالوجي ۽ اوپٿيمالوجيءَ جو معيار نهايت اعليٰ آهي. هڪ وارڊ سڙيل ماڻهن (Burn ward) لاءِ آهي، جڏهن ته هڪ وارڊ پلاسٽڪ سرجريءَ جو به آهي. سول اسپتال حيدرآباد، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ۽ ميڊيسن جي الحاق سان هلي رهي آهي ۽ عالمي معيار جي اسپتال آهي، جيڪا حيدرآباد ۽ ڄام شوري ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪري رهي آهي. ڄام شوري ۾ هن اسپتال کي 120 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي هڪ ڪروڙ 25 لکن روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو، جتي درجنين آپريشن ٿئيٽر ۽ اندازاً 500 بسترن جو انتظام آهي.


لفظ سول اسپتال حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو